بيبي بتول

بيبي بتول: هي شاهه حبيب جي نياڻي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڀيڻ هئي. شاهه حبيب جون ٻه شاديون هيون. هڪ شادي ڏيرن مان ڪئي هئي، جنھن مان شاهه لطيف هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄاڻايو آهي ته: ”بيبي بتول شاهه لطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. مير عبدالحسين سانگي موجب ”شاهه حبيب کي بيبي بتول کانسواءِ ٻيون به ٻه نياڻيون هيون پر اها پڪ ناهي ته اهي ڪھڙي گهر مان هيون.“ ”لطائف لطيفي“ ۾ بيبي بتول بابت ڄاڻايل آهي ته کيس ادب مان بيبي راڻي يا بيبي سردار به سڏيندا هئا.


لفظ بيبي بتولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو